عبدالرحمان ڏاهريءَ جو مقبرو

عبدالرحمان ڏاهريءَ جو مقبرو

عبدالرحمان ڏاهريءَ جو مقبرو

عبدالرحمان ڏاهريءَ جو مقبرو: هي مقبرو 26 21’ 42’’ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67 59’ 00’’ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي، ڳوٺ محمد خان رند، ديهه ڀمڀئي، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشهري فيروز) ۾ آهي. اسماعيل ڀنڊ جو ڳوٺ قبي جي اتر ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، بچاءَ بند هتان کان 300 ميٽرن جي پنڌ تي ۽ سنڌو درياهه هتان کان چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اوڀر ۾ وهي ٿو. مقبرو ڊيگهه ۾ 4.45 ميٽر، ويڪر ۾ 4.45 ميٽر چورس ۽ اوچائيءَ ۾ 7.5 ميٽرن جو آهي. مقبرو چورس رٿ ۾ آهي. مقبرو پڪين سرن، چن جي گاري، ڪٿي ڪٿي مٽيءَ جي گل سان اوساريل آهي. مٿس چن جو پلستر ٿيل آهي. مقبري جو دروازو اوڀر ۾ آهي، جيڪو ٽو ڊور (Tudor) ونگن سان ٺهيل آهي. پاسن کان ٻه کسي دريون ڏنل اٿس. هر پاسي واري کسي دري مستطيل پانيلن سان ٺهيل آهي. چوڌاري ٻيڙٻني تي ڪنگرن جو سينگار ٿيل آهي. ڇت تي وڏو گنبذ ٺهيل آهن، جيڪو ڳچ (Drum) تي رکيل آهي، جنهن تي ابتو ڪوڻيءَ جو گل ٺهيل آهي. ان جو مٿيون چوٽيءَ وارو ڪلسو ٽٽي پيو آهي. گنبذ جو نمونو اهڙو آهي، جهڙو بڙا مسجد دهليءَ جي گنبذ جو آهي، جيڪا 1434ع ۾ جڙي راس ٿي هئي. گنبذ ٻاهران اڇي چن سان لنبيل آهي. مقبرو هڪ حجري تي مشتمل آهي. حجري جون ڀتيون پانيلن سان سجايل آهن. اندران ڪنڊ جوڙون (squinches) ٺهيل آهن، جيڪي مٿي وڃي گنبذ جو ڳچ ٺاهين ٿيون. مقبري جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ هوا لاءِ دريون ڇڏيل آهن. مقبري اندر ٻه قبرون آهن. هڪ عبدالرحمان ڏاهريءَ جي ۽ ٻي سندس گهر واريءَ جي آهي. هي مقبرو ڪلهوڙا دور جي اڏاوت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو